جان مارشل

جان مارشل

جان مارشل

جان مارشل: موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندڙ مشهور آرڪيالاجسٽ، سر جان مارشل جو جنم 19 مارچ 1876ع ۾ چيسٽر، برطانيا ۾ ٿيو. سندس دلچسپيءَ جا مضمون تاريخ ۽ قديم آثار هئا. ان ڪري هن کي 1902ع ۾ هندستان جـي قـديـم آثـارن لاءِ سـروي واري محڪمي جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. هن کان اڳ انهيءَ عهدي تي اليگزينڊر ڪنگهام فائز هو. جان مارشل ننڍي کنڊ ۾ قديم آثارن جي بچاءَ ۽ پڌرائيءَ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي. ان جو مثالي ثبوت سندس دور جا هيٺيان دستاويز آهن: (1) Archaeological Works code (2) Ancient Monuments Preservation Act 1904 انهن دستاويزن هتان جي قديم آثارن کي قانوني، فني ۽ تاريخي تحفظ مهيا ڪيو ۽ انهن جي کوٽائيءَ جو ڪم به شروع ٿيو. سر جان مارشل جو پورو نالو ’Sir John Harbert Marshall ‘ هو. هن جي تعليم ڊيلوچ ڪاليج ۽ ڪنگس ڪاليج ڪيمبرج ۾ ٿي. هن مڪاني آثارن جي ڄاڻن کي سروي، کوٽاين ۽ مرمت جا ڪم ڏنا. سندس مکيه دريافتن ۾: ٽيڪسلا، موهين جي دڙي، سانچي، سارناٿ کان سواءِ ڪانجهيءَ جي زماني جو هڪ ماڳ Knossos ۽ ڀونوچ سمنڊ لڳ يوناني ٻيٽن ۾ ماڳ Crete شامل آهن. هن ٽيڪسيلا جون کوٽايون 1913ع ۾ شروع ڪرايون جيڪي 20 سالن تائين جاري رهيون. هن ٽيڪسلا ۾ ئي 1918ع ۾ ’Site Museum‘ جو بنياد رکيو. سانچي ۽ سارناٿ جي ٻڌمت سان لاڳاپيل ماڳن تي ڪم ڪرايو. هن 1922ع ۾ کوٽائيءَ دوران سنڌ جي قديم تهذيب موهين جي دڙي جي صورت ۾ ڳولي لڌي. هن ’Knossos‘ ۽ ‘Crete’ تي 1898ع کان 1901ع جي وچ ۾ ڪم ڪرايا هئا. ان ڪري ننڍي کنڊ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ به هن کي کوٽاين جي پوري ڄاڻ هئي. ٽيڪسيلا ۽ موهين جي دڙي جي کوٽاين تي سندس ٽي ٽي شاهي جلد ڇپيل آهن، جن کي اڄ به هتان جي آرڪيالاجيءَ ۾ بنيادي حيثيت آهي. هن جو ٻيو هڪ ڪتاب ’Guide to Texila‘ آهي. موهين جي دڙي هن کان پوءِ ’Mackay‘ ڪم شروع ڪرايو، جنهن جي رپورٽ به ڇپيل آهي. سرجان مارشل 17 آگسٽ 1958ع ۾ گلڊ فورڊ شهر ۾ وفات ڪئي. انهيءَ وچ ۾ هن کي 1914ع ۾ سندس ڪيل خدمتن جي بطور ’Knighthood‘ ۽ ’سر‘ جو خطاب مليو ۽ وري سبڪدوشيءَ بعد 1936ع سڄي ’United Kingdom‘ جي ’Academic‘ جو ’Fellow‘ چونڊيو ويو هو. هن جي ٻين ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن: (1) Buddhist Art of Gandhara 1960 (2) Bagh Caves in Gwaliar state, 1927 (3) Monuments of Sanchi (3Vol) (4) Guide to Sanchi 1918


لفظ جان مارشلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1876.03.19  عيسوي

جان مارشل: موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندڙ مشهور آرڪيالاجسٽ ، سر جان مارشل جو جنم 19 مارچ 1876ع ۾ چيسٽر ، برطانيا ۾ ٿيو


1958.08.17  عيسوي

سرجان مارشل 17 آگسٽ 1958ع ۾ گلڊ فورڊ شهر ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

نيلوفر شيخ ڊاڪٽر
ڄام ڪانڀو خان
حسن علي عبدالرحمان
جعفر خان جمالي
چوچڪ بيگم
بيجو باورا
سڪينه سمون
ديبلي احمد بن محمد
جيرام چئنمل روپاڻي
سر رابرٽ فرانسِس مُودي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون